اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن قومي اسيمبلي ۾ ججن جي تعداد ۽ سروس چيفس جي مدي ۾ واڌ بابت بل جي منظوري کانپوءِ ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي. سومر ڏينهن پارليامينٽ جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته ضابطن تحت ڪو به بل پاس نه ٿيو، بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ نه ويو ۽ نه ئي بحث ٿيو. بئريسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 34 ٿي ويو آهي، ڀارت ۾ هن وقت رڳو 33 جج آهن. بئريسٽر گوهر ايڪس اينڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ جمهوريت بادشاهت ۾ تبديل ٿي وئي آهي. هن چيو ته هي ماڻهو ججن کي وڌائڻ نٿا چاهين پر پنهنجي پسند جا جج آڻڻ چاهين ٿا. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو آهي ته شهباز حڪومت جو فارم 47 جي حڪومت جو پاس ڪيل قانون ملڪ ۽ هٿياربند فوج لاءِ سٺو ناهي. هن چيو ته سروسز چيفس جي مدي ۾ واڌ سان ڪيترن ئي آفيسرن جا حق کسيا ويندا، اها ترميم حڪومت ۽ فوج لاءِ سٺي ناهي. عمر ايوب چيو ته ساڳيو قانون شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي خلاف استعمال ٿيندو، ان وقت پ پ ۽ ن ليگ وٽ فرار جو ڪو رستو نه هوندو.