اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
علي امين گنڊاپور جي عمران خان سان ملاقات جي درخواست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
جسٽس ارباب محمد طاهر سڀاڻي علي امين گنڊاپور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجسٽرار آفيس سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.