فلپائن ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي

منيلا (ويب ڊيسڪ) فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ٽرامي تباهي مچائي ڇڏي آهي، فوتگين جو انگ 120 ٿ ويو آهي جڏهن ته 36 لاپتا آهن.

فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ٽرامي سبب فوتگين ۾ واڌ ٿي آهي ۽ فوتگين جو انگ 120 ٿي ويو آهي.

طوفان سبب رهائشي علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري زندگي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو آهي ۽ گهرن ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ سبب شهري گهرن جي ڇتين تي ڦاسي ويا آهن.

فلپائن جي نيشنل ڊزاسٽر ايجنسي موجب طوفان ٽرامي سبب 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.