لاهور (ويب ڊيسڪ) هيومن رائيٽس ڪميشن (ايڇ آر سي پي) ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي کي غير مشروط طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ ايڇ آڙ سي پي ايمان مزاري ۽ مڙس جي گرفتاري جي مذمت ڪئي.
ايڇ آر سي پي موجب ٻنهي کي سيڪيورٽي رسڪ جي شڪي الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتاري انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن لاءِ گهٽ ٿيندڙ گنجائش کي ظاهر ڪري ٿي.
ايڇ آڙ سي پي موجب ايمان مزاري ۽ هادي علي کي فوري غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي ۽ الزام واپس ورتا وڃن.