حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اڄ نواز شريف جي حڪومت آهي ان ڪري معيشت ترقي ڪري رهي آهي.
حافظ آباد ۾ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هارين جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته مون کي اهڙي پاليسي ٺاهڻي آهي جنهن سان هارين جو نقصان نه ٿئي، هارين تائين سڌو سنئون ڪسان ڪارڊ پهچي رهيا آهن، ڪسان ڪارڊ لاءِ 12 لک کان وڌيڪ درخواستون مليون آهن.
مريم نواز چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ٻڏي رهي هئي پر اڄ 90 هزار تي پهچي وئي آهي، نواز شريف جي حڪومت سبب معيشت ترقي ڪري رهي آهي ۽ مهانگائي هيٺ آئي آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته اڄ پرڏيهي مهمان اچي رهيا آهن ۽ اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، مان پنجاب کي تبديل ٿيندي ڏسي رهي آهيان، مان اڳڪٿي ڪري رهي آهيان ته فتنو ختم ٿي رهيو آهي ۽ گارگند جي سياست ختم ٿي رهي آهي.