اسرائيل کي جواب ڏيڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪنداسين: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران اعلان ڪيو آهي ته هو اسرائيل تي تازي حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪنداسين.

هن چيو ته اسان جي جواب جي نوعيت جو دارومدار اسرائيلي حملي جي نوعيت تي آهي.

ياد رهي ته اسرائيل ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني فوجي ٺڪاڻن تي فضائي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ايراني فوجي شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.