اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان اختلافن سبب قومي وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين گيري ڪرسٽن جو پهريون بيان سامهون اچي ويو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن چيو ته هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو بيان پڙهيو آهي، استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ اڄ ئي پنهنجو بيان جاري ڪندس.
گيري ڪرسٽن چيو ته هيڊ ڪوچ جي عهدي تان استعيفيٰ ڇو ڏني، پنهنجي بيان ۾ سمورا سبب پيش ڪندس.
ياد رهي ته گيري ڪرسٽن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ۽ سپورٽ اسٽاف جي معاملن تي اختلافن سبب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.