راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري بئريسٽر سلمان اڪرم راجا ۽ پنهنجي ليگل ايڊوائزر ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري وچ ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو.
ذريعن موجب فيصل چوڌري کي ٻيهر پي ٽي آءِ باني جي ليگل ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ فيصل چوڌري عدالت جي ڪمري ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا.
ذريعن موجب، عمران خان فيصل چوڌري کي پارٽي پاليسي موجب هلڻ جي هدايت ڪئي.
عمران خان سلمان اڪرم راجا کي به معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ ۽ سلمان اڪرم راجا وچ ۾ ٺاهه وقت بئريسٽر علي ظفر به موجود هو.
عمران خان فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ ذريعي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي پيغام ڏياريو.
پيغام ۾ هن چيو ته فواد چوڌري کي چئو ته ليڊرشپ ۽ پارٽي خلاف بيانبازي کان مڙي وڃي.