اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب ايمان مزاري ۽ سندس مڙس خلاف آبپارا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي، سندن خلاف ڪيس سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت ۽ ٻين قلمن تحت داخل ڪيو ويو.
ياد رهي ته گذريل هفتي ايمان مزاري ۽ سندس مڙس انگلينڊ ٽيم لاءِ لڳايل روٽ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي ايمان جي مڙس ۽ پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو به ٿيو هو.