اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ جو اجلاس جاري آهي.
ذريعن موجب فل ڪورٽ اجلاس ۾ ججن جي خدشن سميت مختلف عدالتي معاملا غور هيٺ ايندا.
اجلاس ۾ سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه کانسواءِ ٻيا جج شريڪ آهن.
ياد رهي ته 26هين آئيني ترميم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ خاص پارلياماني ڪاميٽي جسٽس يحييٰ آفريدي کي چيف جسٽس مقرر ڪيو هو.