سوشل ميڊيا تي بي سُري گلوڪاري سبب شهرت ماڻيندڙ چاهت فتح علي خان ڀارتي فلمساز ڪرن جوهر جي نالي پيغام جاري ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ چاهت فتح علي خان ” توبه توبه“ گيت رليز ڪيو جيڪو حقيقت ۾ بالي ووڊ گيت” توبه توبه “ جي نقل هو جيڪو مقبول ڀارتي گلوڪار ڪرن اوجلا ڳايو آهي.
اِهو گيت وڪي ڪوشل تي فلمايو ويو هو، جنهن سندس رقص سبب انٽرنيٽ تي ڪاميابي جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا.
چاهت فتح علي خان جي گيت جي وڊيو ڪرن جوهر نجي ٽي وي چئنل جي رپورٽر جي انسٽاگرام وڊيو اسٽوري تي شيئر ڪئي جنهن ۾ چاهت فتح علي خان” توبه توبه“ گانو پنهنجي انداز ۾ ڳائي رهيو آهي.
ڀارتي فلمساز پنهنجي اسٽوري جي ڪيپشن ۾ گيت لازمي طور ٻڌڻ جو مشورو ڏنو هو.
ان ڏس ۾ چاهت فتح علي خان ڀارتي هدايتڪار جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته جڏهن ڪرن جوهر سندس ڪم جي واکاڻ ڪئي کيس ٽن راتين تائين ننڊ نه آئي.
چاهت فتح ڪرن جوهر کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان موقعو ڏيندئو ته هو اوهان جي ڪنهن به فلم ۾ بنا معاوضي جي ڪم ڪندو.
پاڻمرادو گلوڪار بڻيل چاهت فتح علي خان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
You might also like