سعودي عرب ۾ ملازمت جي خواهشمند پاڪستانين لاءِ اهم خبر

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق چيو آهي ته سيڙپڪاري ۽ واپاري سرگرمين جي ڪري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيو آهي.
رياض ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي احمد فاروق چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري سرگرمين سان پاڪستاني معيشت تي هاڪاري اثر پئجي رهيا آهن، سعودي عرب پاڪستان ۾ توانائي، معدنيات، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته هنرمند افرادي قوت وڌائڻ تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڪوشش آهي ته پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، جنهن لاءِ ثقافت، ادب، فلم، ٽي وي ۽ ٻين معاملن کي وڌايو پيو وڃي.
واضح رهي ته گذريل سال نومبر ۾ سعودي عرب جي ميگا پاور ۽ تعميراتي ڪمپني الفنار جي سي اي او صباح المطلق چيو هو ته اسان پنهنجي ايندڙ منصوبن ۾ وڌيڪ پاڪستانين کي ملازمتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.