منشيات جوتن ۾ لڪائي ٻاهر سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس جوتن ۾ لڪائي منشيات نيوزيلينڊ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جون منشيات سمگلنگ خلاف ڪارروائيون جاري آهن ۽ اي اين ايف ٽيم ڪوريئر آفيس ۾ نيوزيلينڊ موڪلئي ويندڙ پارسل مان وڏي مقدار ۾ آئس برآمد ڪري ورتي.
ترجمان ٻڌايو ته ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ۽ 16 جوتن مان 8 جوتن ۾ لڪايل 800 گرام آئس برآمد ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.