ڪئليفورنيا (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا سان تعلق رکندڙ اداڪار رون ايلي 86 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
رون ايلي 1960ع ۾ ٽي وي جي مشهور پروگرام ” ٽارزن“ ۾ اِهو مشهور ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي اڄ تائين پسند ڪيو وڃي ٿو.
رون ايلي پٽ ڪرسٽن ڪيسيل ايلي سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پيءُ جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته اداڪار 29 سپٽيمبر تي ڪئليفورنيا پنهنجي رهائش گاهه ۾ آخري ساهه کنيو.
ڪرسٽن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ” دنيا هنيئر تائين جي سڀ کان وڏن ماڻهن منجهان هڪ ۽ مان پنهنجي پيءُ کي وڃائي ويٺو آهيان.“
ٽي وي سيريل ٽارزن 1966ع کان 1968ع تائين نشر ڪيو ويو ۽ چيو ويندو آهي ته ادڪار کي اِهو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڏاڍي پريشاني جون منهن ڏسڻو پيو.
ان کانسواءِ اداڪار رون ايلي 2001ع ۾ اداڪاريءَ کي الوداع چئي ليکڪ بڻجي ويو ۽ ناولز پڻ لکيا.
You might also like