ڪوٽڙي ۾ ناريءَ سان 5 ڏينهن تائين اجتماعي ڏاڍائي، اسپتال منتقل

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ نوجوان ناريءَ سان اجتماعي ڏاڍائيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏھن ته ڪوٽڙي پوليس عدالتي حڪم تي متاثر ناريءَ جي فرياد تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، ڪوٽڙيءَ جي غريب آباد ڪالوني واسڻ 22 ورهين جي نوجوان ناري شبانا جوکيو ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عظيم، ريحان، عمران ۽ سلطان سميت 6 جوابدارن کيس هٿيارن جي زور تي گهر مان اغوا ڪري اڻڄاتل هنڌ تي کڻي وڃي 5 ڏينهن تائين ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو، جنھن بعد جوابدار کيس گهر جي ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا. هوڏانهن ڪوٽڙي پوليس ڪيس داخل ڪري متاثر ناري جو بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙيءَ مان ميڊيڪل پڻ ڪرايو آهي، جڏھن ته پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ گهربل ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.