جسٽس يحيٰ آفريدي آزاد منش جج،دوستي ياري، ڪرپشن کان پري

اسلام آباد(عمر چيما)نامزد چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي اهڙي شخصيت آهي جيڪو پنهنجي عهدي ۽ اداري لاءِ فخر جو سبب آهي،هن کي ڪرپٽ نٿو بڻائي سگهجي، هو پنهنجي فيصلن جي حوالي سان گهڻو ڪليئر آهي،هو آزاد منش ججن ۾ شمار ٿيندو آهي،جسٽس يحيٰ عدليه ۾ ڪيسن کي التوا ۾ وجهندڙ ججن لاءِ خطرو آهي،نيب ڪيس کانپوءِ ذهني دٻاءُ ۾ اچي آپگهات ڪندڙ ايماندار فوجي آفيسر برگيڊيئر اسد منير ملڪ پنهنجي آپگهاتي نوٽ ۾ لکيو  ته مان بدنامي جو داغ کڻي مرڻ نٿو چاهيان،چاهيان ٿو ته غلط الزام عدالت مان غلط ثابت ٿئي، هن پنهنجي گهرواري کي  چيو ته مري وڃان ته هي يحيٰ آفريدي کي پهچائجان،برگيڊيئر اسد منير،جسٽس يحيٰ آفريدي جو دوست هو،بعد ۾ جڏهن اهو ڪيس جسٽس يحيٰ آفريدي وٽ آيو ته هن وڌيڪ مداخلت نه ڪئي ۽ چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو،عدالت ان معاملي تي رپورٽ طلب ڪئي، بعد ۾ برگيڊيئر اسد کي بيگناهه قرار ڏنو ويو هو پر ان وقت تائين هو دنيا ڇڏي چڪو هو،جسٽس يحيٰ آفريدي دوستي باوجود ججن جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ناهي ٽوڙيندو،هو ايچي سن ڪاليج جو پڙهيل آهي، هن جو والد عمر آفريدي به سٺي شهرت رکندڙ ڪامورو هو،هو جڏهن هاءِ ڪورٽ جو جج هو ته مشرف خلاف ڪيس هلي رهيو هو ،جسٽس يحيٰ جنرل مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو بعد ۾ ثاقب نثار اهو فيصلو رد ڪيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 24 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.