سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ جو لارنس بشنوئي سان ملاقات جو اعلان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي جي سلمان خان کي مسلسل موتمار ڌمڪين کانپوءِ سپر اسٽار جي اڳوڻي گرل فرينڊ سومي علي گينگسٽر سان ملاقات جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سومي علي انڪشاف ڪيو آهي ته هو ايندڙ مهيني نومبر ۾ گينگسٽر لارنس بشنوئي سان ملاقات ڪندي.
سومي علي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ مهيني گينگسٽر لارنس بشنوئي سان ملاقات ڪنديس، پر مون کي ان سان ڪو به فائدو ناهي نه ئي مون کي ڪا پبلسٽي گهرجي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ سلمان خان سان ڪيئي دفعا شڪار لاءِ وئي آهي، هوءَ رڳو اِهو چاهي ٿي ته ڪير به قتل نه ٿئي، پوءِ اِهو منهنجو پاڙيسري هجي يا دوست جو دوست ئي ڇو نه هجي، ڪنهن کي نقصان نه رسائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.