پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته احتجاج جو هڪ ٻيو منصوبو جوڙي رهيا آهيون ۽ هن ڀيري سڄو ملڪ بلاڪ ڪنداسين.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته آزاد عدليا تي حملو ٿيو آهي، غير قانوني آئيني ترميمن خلاف اسان آواز اٿارينداسين، اهي پنهنجي مرضي جا جج مقرر ڪري مرضي جا فيصلا چاهين ٿا پر اسان آئيني ترميم ئي ختم ڪري ڇڏينداسين.
هن چيو ته ووٽ کپائيندڙن جا نالا سامهون آيا آهن، شوڪاز جاري ڪيو ويندو، جيڪو غدار آهي، ان جي پارٽي ۾ ڪا جاءِ ناهي.
سندس چوڻ هو ته اسان هڪ ٻئي احتجاج جو پلان ٺاهي رهيا اهيون، احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ تائين پکيڙي رهيا آهيون ۽ ان جي قيادت مان ڪندس، مڪمل احتجاج ٿيندو ۽ سڄو ملڪ بلاڪ ڪنداسين.
Next Post
You might also like