زين قريشي ايجنسين سان مليل، پي ٽي آءِ کي 13 ايم اين ايز تي شڪ

اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني) سينيٽ ۾ بي اين پي جي ٻن ميمبرن ترميم لاءِ پارٽي سان بي وفائي ڪئي، ايوان ۾ ”ڀائي لوگ“ وڏي انگ ۾ موجود هئا، سينيٽر قاسم رونجهو کي سيڪيورٽي ۾ سينيٽ ۾ آندو ويو،قاسم رونجهي چيو ته مان گهران اچي رهيو آهيان، ڪنهن به اغوا نه ڪيو، سينيٽر نسيمه احسان به سينيٽ آمد تي مڙس جي اغوا ۽ ڌمڪين بابت ميِڊيا جي سوالن جو جواب نه ڏنو،هو اکين ۾ آيل لڙڪ اگهي رهي هئي، اختر مينگل به سينيٽ جي ڳجهي رستي تي پنهنجي ميمبرن سان نظرون ملڻ آيل هو، نسيمه احسان جو مڙس ڪوئيٽا ۾ پيٽرول پمپن سميت ٻيو ڪاروبار ڪري ٿو، بي اين پي جي عورت سينيٽر جي گهر ڀاتين کي هراسان ڪيو ويو،جڏهن ته قاسم رونجهو جا ايجنسين سان اڳ ۾ ئي رابطا هئا،هو به بنيادي طور هڪ بزنيس مين آهي،جڏهن ته پي ٽي آءِ جي پنجن ايم اين ايز کي پنجاب هائوس ۾ رکيو ويو،ميلسي مان چونڊيل اورنگزيب کچي، خانيوال مان چونڊيل ۽ شاهه محمود قريشي جو ڀاڻيجو ظهور قريشي ،گجرات مان چونڊيل چوڌري الياس،ساهيوال مان آيل چوڌري عثمان،باجوڙ مان چونڊجي آيل مبارڪ زيب شامل آهن،جڏهن ته پي ٽي آءِ کي سينيٽر زرقا، ايم اين اي زين قريشي،برگيڊيئر (ر) اسلم گهمن،حاجي امتياز تي به شڪ شبها هئا ته اهي ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏئي سگهن ٿا پر انهن ووٽ نه ڏنو،زين قريشي به انٽيليجنس ايجنسين سان رابطن ۾ هو، پلان اهو هو ته مولانا ووٽ نه ڏنو ته پوءِ پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن کان مدد ورتي ويندي،جڏهن ته عادل بازئي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو هو پر غلطي سان هن جو نالو ن ليگ جي کاتي ۾ اچي ويو آهي،ٻئي پاسي پارلياماني ڪميٽي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي جو نالو به ڏيندي ميڊيا ۾ خبرون پيون هلن ته هو منصور شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله سان ويجهڙائپ سبب انڪار ڪري ڇڏيندو پر ذريعن موجب هو ائين نه ڪندو،جڏهن ته آئيني بئنچ لاءِ يحيٰ آفريدي کانپوءِ سينيئر موسٽ جسٽس امين الدين جو نالو غور هيٺ آهي،سوال اهو آهي ته جسٽس منصور شاهه ۽ منيب اختر پنهنجي جونيئر سان گڏ ڪم  ڪندا؟ سپريم ڪورٽ آئيني ترميم کي رد نه ڪندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 22 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.