پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کي ڪافي ڀيرا حُڪومت ڪرڻ جو تجربو رهيو آهي. اهو ڪيڏو نه دلچسپ اتفاق آهي ته اڄ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ کي گڏيل طور حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. اسان ان کي پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ مليل هڪ سونهري موقعو سمجهون ٿا. پر سوال اهو سا هي ته ڇا موجوده اتحادي حڪومت به اسان وانگر هن مليل موقعي کي سونهري سمجهي ٿي يا نه. بظاهر جيڪي حالتون نظر اچي رهيون آهن تنهن مان اهڙو ڪو آثار نه ٿو نظر اچي ته ڪا حڪومت سنجيدو آهي. عام تاثر اهو آهي ته گڊ گورننس تي ڌيان ڏيڻ يا ان کي چئلينج سمجهي درست رخ ۾ حڪومت ڪرڻ بدران سياسي جماعتون پارٽي مفادن کي ايستائين جو ملڪي ۽ قومي مفادن کان به وڌيڪ اهميت ڏين ٿيون.
اهي حڪمران جماعتن آن اسڪرين هڪ ڳالهه ڪن ٿيون ۽ آف دي سڪرين وري ٻي ڳالهه ڪن ٿيون جيڪا صورت حال افسوس سان گڏ انتهائي ڇرڪائيندڙ آهي. اهڙي صورتحال جو تازو ترين انڪشاف جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الررحمٰن به ٽيون ڏينهن آئيني سڌارن لاءِ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ سان ملاقات کانپوءِ ڪيو آهي جنهن ڄڻ ته سڀني جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. مولانا فضل الرحمٰن پي ٽي آءِ جي وفد سان ملاقات کانپوءِ ٽين رات ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هڪ پاسي حڪومت آئيني سڌارن لاءِ مفاهمتي ماحول ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي اها آئيني سڌارن لاءِ پارلياماني ميمبرن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ايستائين جو اسان جي جماعت جو به هڪ ميمبر اغوا ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه کان علاوه روايتي انداز سان پيسو ۽ ڏنڊو ٻنهي کي استعمال ڪيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمٰن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جون اهي ڪريل حرڪتون جاري رهيون ته پوءِ ڳالهين جي عمل کي روڪي ڇڏينداسين. هن چيو ته هڪ پاسي آئيني سڌارن بابت پارلياماني جماعتن سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي پاسي وري پارلياماني ميمبرن کي هراسان ڪيو پيو وڃي .جيڪڏهن ايئن آئيني ترميم منظور ڪرائي وئي ته اها تڪراري ليکي ويندي ۽ ڪير به ان کي قبول نه ڪندو. تنهن ڪري مجبور نه ڪيو وڃي ته پارليامينٽ جي ڪنهن ڪارروائي ۾ احتجاجن شريڪ نه ٿيون. اهڙي شڪايت پي ٽي آءِ جي سربراهه بئريسٽر گوهر به ڪئي ته اسان جي پارلياماني ميمبرن کي به کنڀي گم ڪيو پيو وڃي.ان ڪري پارٽيءَ پنهنجن 26 ميمبرن کي لڪائي ڇڏيو آهي.
انهيءَ مٿي ڄاڻايل سڄي پس منظر مان اهو معلوم ٿي رهيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪنهن ريت به هڪ تجربيڪار حڪومت وارو ڪم نه پئي ڪري جڏهن ته ان کي تاريخ اهو عظيم موقعو ڏنو آهي ته جيئن پ پ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ملڪ جي سڀني پارلياماني جماعتن جن ۾ ان جون ڪٽر مخالف جماعتون به هيون تن سان گڏجي ملڪ کي 73 جو آئين ٺاهي ڏنو جيڪو پ پ جو تاريخي ڪارنامو هو. ايئن 2008 واري حڪومت ۾ آصف زرداري جي ڪوششن سان پارليامينٽ اندر ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت نه هئڻ باوجود 18 هين ترميم ڪري ڏيکاري جنهن ۾ صوبن کي ڪافي حد تائين خود مختيار بڻايو ويو. ميثاق جمهوريت جهڙو اخلاقي جمهوري معاهدو به بينظير ڀٽو صاحبه جي ذريعي ٿيو ۽ ايئن اها پ پ ئي آهي جيڪا ”ميثاق پارليامينٽ“ جي به ڳالهه ڪري رهي آهي.مطلب ته ملڪ اندر پارليامنيٽ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پ پ جو ته ڪردار نظر اچي ٿو پر مسلم ليگ (ن) جو سواءِ ميثاق جمهوريت جي ڪو قابل ذڪر ڪارنامو نظر نه ٿو اچي.
هاڻي به آئيني سڌارن لاءِ اهو تاثر قائم ٿي رهيو آهي ته جيڏي دلچسپي ان ۾ بلاول ڀٽو زرداري وٺي رهيو آهي اهڙي دلچسپي مسلم ليگ (ن)۾ نظر نه ٿي اچي. اهڙي قائم ٿيل تاثر بابت پ پ جي نوجوان سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اصل ۾ عدالتي سڌارن جي ايجنڊا به ميثاق جمهوريت جو حصو آهي ۽ مان هر ان شئي ۾ سنجيده هوندس جيڪا منهنجي ماءُ جي مشن جو يا ڪيل واعدي جو حصو هوندي پر مسلم ليگ (ن) جي ڪنهن اڳواڻ اها ڳالهه نه ڪئي آهي ته ڪو ميثاق جمهوريت ۾ آئيني سڌارن جي ايجنڊا رکيل هئي. هاڻي به مولانا فضل الرحمٰن جيڪا ڳالهه چئي رهيو آهي تنهن مان به اهو ئي تاثر ملي رهيو آهي ته مسلم ليگ (ن) آئيني سڌارن بابت سازگار ماحول ٺاهڻ بدران ويتر ان کي خراب ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ کي به اهڙي قسم جون شڪايتون رهيون آهن ته هڪ پاسي مسلم ليگ (ن) ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ تي زور ڀري رهي آهي ته ٻئي پاسي وري.آئيني سڌارن تي ووٽ وٺڻ لاءِ به پارلياماني ميمبرن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، کين پيسي واري چمڪ به ڏيکاري پئي وڃي جنهن ڪري ڳالهين جو ماحول نه پيو ٺهي.
اسان سمجهون ٿا ته مسلم ليگ (ن) کي هڪ تجربيڪار حڪومت هئڻ ناتي پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوطي ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪا ان جي پهرين ۽ پ پ جي هن وقت ٻي ذميواري آهي. مسلم ليگ (ن) هڪ پاسي سياسي استحڪام جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ سياسي استحڪام سان ئي معيشت ۽ ملڪ جي مضبوطي کي مشروط رکي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري سياسي جماعتن خاص ڪري پي ٽي آءِ خلاف جارهاڻي پاليسي به اختيار ڪري رهي آهي. جيڪڏهن صورتحال ائين ئي رهي جيئن مولانا فضل الرحمٰن چئي رهيو آهي ته پوءِ لڳي ٿو ته آئيني ترميم نه ٿي سگهندي پر جيڪڏهن غير جمهوري انداز سان ٿي به ته پوءِ اها تڪراري ليکي ويندي تنهن ڪري مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي تاريخ ۾ پهريون ڪو سٺو پارلياماني ڪم ڪرڻ لاءِ سڀني پارلياماني جماعتن سان بهترين رويو اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ اندر پهريون سياسي استحڪام پيدا ٿئي. مسلم ليگ (ن) جيڪا پاڻ به سياسي استحڪام جي اهميت ۽ ضرورت کي بياني حد تائين ته چڱي ريت سمجهي ٿي پر عملي طور ان لاءِ سندس ڪردار تڪراري نظر اچي رهيو آهي. آئيني سڌارن لاءِ بقول مولانا فضل الرحمٰن جي ته حڪومت جيڪي ڪريل حرڪتون ڪري رهي آهي تنهن سان ته واقعي به نه سياسي استحڪام ايندو ۽ نه ئي آئيني سڌارن تي اتفاق ٿي سگهندو. سو مسلم ليگ (ن) کي هاڻي به موقعو آهي ته اها ان معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪري جيڪا سندس ۽ ملڪ جي مفاد ۾ هوندي