ملتان ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل، انگلينڊ کي 261 رنسون، پاڪستان کي 8 وڪيٽون گهربل

ملتان(ويب ڊيسڪ ) ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ جي ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انگلينڊ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 36 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، انگلش ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 261 رنسون ۽ پاڪستان کي اٺ وڪيٽون گهربل آهن.
پاڪستان ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 221 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي ريت انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 297 رنسن جو هدف مليو .
ان کان اڳ پاڪستاني اسپنر ساجد خان جي تباهه ڪندڙ بالنگ جي مدد سان گرين ڪيپس مهمان ٽيم کي انگلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 291 رنسن تي پويلين موڪلي ڇڏيو جنهن کانپوءِ پاڪستان کي 75 رنسن جي سرسي حاصل ٿي.
پاڪستان ٻي اننگز جي شروعات محتاط انداز ۾ ڪئي ۽ اوپنر عبدالله شفيق هڪ ڀيرو وري وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ چئن رنسن تي شعيب بشير جو پهريون شڪار بڻيو، صائم ايوب، 22، شان مسعود 11، ڪامران غلام 26، سعود شڪيل 31 ۽ محمد رضوان 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
سلمان علي آغا هڪ ڀيرو وري ٽيل اينڊرز سان گڏجي اسڪور کي تيزيءَ سان اڳتي وڌايو، آل رائونڊر 63 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي ۽ سموري ٽيم ٻي اننگز ۾ 221 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ جي شعيب بشير چار، جيڪ ليچ ٽي، برائيڊن ڪارس ٻه جڏهن ته ميٿيو پوٽس هڪ وڪيٽ ورتي.
ٽئين ڏينهن راند جي شروع ٿي ته انگلينڊ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسن سان اننگز اڳتي وڌائي، ان موقعي تي سمٿ 12 ۽ ڪارس 2 رنسون سان ڪريز تي موجود هئا.
انگلينڊ جا آخري چار بيٽر مجموعي اسڪور ۾ ڪو به وڏو اضافو نه ڪري سگهيا ۽ پوري ٽيم اسپنرن جي ڄار ۾ ڦاسي 291 رنسن تي پويلين موٽي وئي.
پاڪستان طرفان ساجد خان انگلش بيٽرن لاءِ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو، هن مجموعي طور تي ست وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نعمان علي ٽي شڪار ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.