لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس اينٽي ڪرپشن عدالت موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
احتساب عدالت لاهور جي جج زبير شهزاد ڪياني وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.
وزيراعظم جو نمائندو انوار حسين عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته عدالت حمزا شهباز جي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
نيب پراسيڪيوٽر اپيل ڪئي هئي ته ريفرنس کي اينٽي ڪرپشن عدالت منتقل ڪيو وڃي، اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ نيب ريفرنس جي منتقلي تي اعتراض ناهي.
عدالت اڳ ۾ فيصلو محفوظ ڪيو، پوءِ نيب ترميم جي روشني ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس اينٽي ڪرپشن عدالت موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
Prev Post
You might also like