نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اڏامن کي آن لائن بم سان اڏامڻ جي ڌمڪين جي الزام ۾ هڪ ڇوڪرَي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي تصديق ڀارتي هوابازي واري وزير ڪئي.
ڀارتي هوابازي واري وزير موجب گرفتار جوابدار جي عمر 18 سالن کان به گهٽ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب هن مهيني ڀارتي ايئر لائنز جي اندروني ۽ ٻاهرئين ملڪ اڏامن کي سوشل ميڊيا تي بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون وصول ٿيون هيون.
جهازن ۾ بم هجڻ جا ڪوڙا اطلاع سوشل ميڊيا ۽ اي ميلز ذريعي ڏنا ويا ۽ ڀارت ۾ اهڙا واقعا ماضي ۾ به ٿيندا رهيا آهن.
ڀارتي ايوي ايشن ۽ سيڪيورٽي اختيارين موجب بم جو ڪوڙو اطلاع ڏيندڙن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like