انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ قومي پليئنگ اليون جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ قومي پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ هڪ رانديگر جو ڊيبيو ٿيندو جڏهن ته ٽيم ۾ ٽي اسپنرز شامل ڪيا ويا آهن.
ٻي ٽيسٽ لاءِ اعلانيل ٽيم ۾ نعمان علي، ساجد خان ۽ زاهد محمود کي ٽيم جو حصو بڻايو ويندو آهي.
ان کانسواءِ عامر جمال، صائم ايوب، عبدالله شفيق، شان مسعود، سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا پليئنگ اليون جو حصو آهن.
ٽيم۾ ڪامران غلام کي به شامل ڪيو ويو آهي جيڪو انگلينڊ خلاف ڊيبيو ڪندو.
واضح رهي ته قومي ٽيم مان بابر اعظم، شاهين شاهه آفريدي ۽ نسيم شاهه کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.