بابر، شاهين ۽ نسيم جي ٽيم مان نيڪالي تي شاهد آفريديءَ جو ردعمل اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ سيريز جي باقي ٻن ميچن ۾ بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه کي شامل نه ڪرڻ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ جو ردعمل سامهون اچي ويو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيوته هو بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه کي عالمي ڪرڪيٽ تان وقفو ڏيڻ واري فيصلي کي حمايت ڪري ٿو.
سندس چوڻ هوته اِهو فيصلو انهن چيمپيئن رانديگرن جي حفاظت ڪندو ۽ سندن ڪيريئر به ڊگهو ٿيندو.
شاهد آفريدي موجب، ان فيصلي سان رانديگرن جي صلاحيت کي نکارڻ ۽ کين پرکڻ جو موقعو ملندو ۽ مستقبل لاءِ بئنچ اسٽرينٿ کي مضبوط بڻائڻ جو موقعو ملڻ ملندو.
ياد رهي ته انگلينڊ خلاف ٻي ۽ ٽين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ بابر اعظم، نسيم شاهه، سرفراز احمد ۽ شاهين آفريدي کي ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.