آئيني ترمين تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ نواز شريف جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ صدر نواز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف کي آئيني ترميم تي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.
ٽيليفونڪ رابطي ۾ 26هين آئيني ترميم تي سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.