اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف موجب پاڪستان جي قرضن جي واپسي جي صلاحيت اهم خطرن جي ور چڙهيل آهي ۽ ان جو دارومدار پاليسي تي عملدرآمد ۽ وقت سر پرڏيهي فنانسنگ تي آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي واپسي جي صلاحيت کي ڪمزور قرار ڏيندي آءِ ايم ايف جو اندازو آهي ته اي ايف ايف پروگرام تحت پاڪستان جي پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت ايندڙ 3 سالن دوران 62.2 ارب ڊالر تائين وڌي ويندي، جيڪڏهن 2024-25 کان 2028-29 تائين جو اندازو لڳائجي ته ان جو ڪاٿو 110.5 ارب ڊالر تائين ٿي سگهي ٿو ۽ اي ايف ايف ختم ٿيڻ تي به قرض جي ضرورت ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي.
آءِ ايم ايف جي اسٽاف رپورٽ موجب پاڪستان کي هلندڙ مالي سال دوران 18.813 ارب ڊالرن جي ضرورت پوندي، 2025-26 دوران اها ضرورت 20.088 ارب ڊالر هوندي، مالي سال 2026-27 ۾ اها ضرورت 23.714 ارب ڊالر ٿي ويندي.
آءِ ايم ايف جي ڊيٽا ڏيکاري ٿي ته اها ضرورت ٽن سالن جي پروگرام جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به ختم ٿيڻ جو امڪان ناهي، اها ضرورت 2027-28 ۾ 24.625 ارب ڊالر ۽ مالي سال 29-2028 دوران 23.235 ارب ڊالر تائين وڌي ويندي.
You might also like