چيني آءِ پي پيز پاڪستان ۾ وڏيون سيڙپڪار آهن: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته چين توانائي جي شعبي ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ چين جون آءِ پي پيز پاڪستان ۾ اهم سيڙپڪار آهن.
اسلام آباد ۾ چائنا چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته چين جي ترقي دنيا لاءِ مثال آهي ۽ اسان سي پيڪ فيز 2 کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون.
ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت مثبت رخ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ جلد معاشي استحڪام ايندو.
تقريب کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ مثالي دوستي جو ثبوت آهي، پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ساراهه جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.