ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ملڪ آهي ته اسان جي سياست آهي، جمهوريت آهي، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي فوج کي ختم ڪيو وڃي ته پوءِ اسان انهن ملڪن جون حالتون ڏٺيون آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پي ٽي آءِ 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، سياست سان اختلاف ناهي. احتجاج سياست جو حصو آهي پر اسان جي سياست ۽ شڪايتون ملڪ جي وقار ۽ سلامتي کان مٿي ناهن.
هن چيو ته پاڪستان جو معاشي مسئلو ڪنهن کان ڳجهو ناهي، حڪومت ۽ رياستي ادارا معاشي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جو 15 آڪٽوبر جي احتجاج جو اعلان ملڪي مفاد ۾ ناهي.
					You might also like
		
	
	
					 
			