اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي اگهه وڌڻ سبب پاڪستان ۾ تيل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب پاڪستان ۾ به 16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 26 پئسا في ليٽر، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 95 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا 14 آڪٽوبر تي پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان پنهنجي ورڪنگ مڪمل ڪندي ۽ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ نون اگهن جي سمري ناڻي واري وزارت کي موڪلي ويندي، 15 آڪٽوبر تي پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪيو ويندو.
You might also like