اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ افغانستان جو وفد شامل نه ٿيندو.
سفارتي ذريعن موجب، افغانستان کي ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت جو دعوت ناهي ڏني وئي، پاڪستان ايس سي او چيئر طور افغانستان جي شرڪت ۾ رنڊڪون ناهن وڌيون، افعانستان ايس سي او جو ميمبر ناهي، آبزرو رياست ۽ غير فعال آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان ست جون 2012ع تي ايس سي او جو آبزرور بڻيو ۽ سپٽيمبر 2021ع کان غيرفعال آهي، امارات اسلامي افغانستان طرفان ايس سي او افغان معاهدي جي اڪثر شقن کي قبول ناهي ڪيو ويو، امارات اسلامي افغانستان اڳوڻي افغان حڪومت کي پنهنجي پيشرو حڪومت قبول نٿي ڪري.
ذريعن موجب، امارات اسلامي لاءِ ايس سي او افغان معاهدي کي قبول ڪرڻ ضروري آهي، ايس سي او جا ٻه آبزرور ملڪ افغانستان ۽ منگوليا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ ڊائيلاگ پارٽنرز کي به دعوت ناهي ڏني وئي، ايس سي او سيڪريٽريٽ طرفان رڳو آبزرور رڪن منگوليا کي دعوت ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن سميت ٻه وفد شرڪت ڪندا.
You might also like