”چين تي حملو ڪندڙن ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪرڻ وارن ۾ ڪو به فرق ناهي“

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيٽر طلا چوڌري چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس ڪو عام اجلاس نه آهي، سڄي دنيا مان وفد اچي رهي آهن، ايس سي او ڪانفرنس تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته جڏهن چيني صدر پاڪستان اچڻو هو ته 2014ع ۾ ڌرڻو هنيو ويو، فارين فنڊنگ جي ڳالهه ٿي ته خبر وئي ته اسرائيلن ۽ ڀارتين جو پئسو آهي.
هن چيوته پرڏيهي فنڊنگ واري معاملي تي اسٽي تي اسٽي ملندو رهيو، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو مقصد ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ هو، اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو.
طلال چوڌري چيو ته ايس سي او ڪانفرنس ڪا عام ڪانفرنس ناهي، ٻه سئو کان وڌيڪ عالمي وفد اسلام آباد ايندا، ايس سي او ۾ چين، روس ۽ اهڙن ملڪن جو انگ وڌيڪ آهي جيڪي اسرائيل مخالف آهن، ايس سي او ڪنهن جو سياسي ڀلو ناهي، پاڪستان جي معيشت ان سان هلندي، اسٽاڪ ايڪسچينج هلندي ۽ رپيو مضبوط ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته بار بار اوهان پاڪستان جي معيشت تي حملو ڪندا آهن، اوهان کي تڪليف ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي هلي وئي آهي، رپيو مضبوط ٿي رهيو آهي، ايئرپورٽ تي چيني شهرين تي حملو ڪندڙ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪرڻ وارن ۾ ڪو فرق ناهي، فرق رڳو نالي جو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.