ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي موسم وڌيڪ 3 ڏينهن گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي عربي سمنڊ ۾ سرگرم سسٽم جي حوالي سان ٻڌايو ته هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو آهي جيڪو ڪراچي جي ڏاکڻي علائقن کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آهي.
موسميات کاتي موجب، سڀاڻي تائين هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ڊپريشن بڻجي سگهي ٿو، ان سسٽم مان پاڪستان کي ڪنهن به سامونڊي علائقي کي في الحال ڪو به خطرو ناهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سسٽم جي اثر هيٺ اڄ رات کان 14 آڪٽوبر تائين ٿرپارڪر سميت عمر ڪوٽ، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ به ڪجهه جاين تي آنڌاري ۽ گجگوڙ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي موسمياتي ماهرن ڪراچيءَ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي آهي ته شهر جي موسم ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن شديد گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته ان دوران گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب، اڄ به ڪراچي جي ڀرپاسي ۾ ڪٿي ڪٿي آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي
You might also like