خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ قبائلي تڪرار، 11 ڄڻا مارجي ويا

ڪرم(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود موجب ڪنج علي زئي ۾ قبيلن وچ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي ۽ فائرنگ جي واقعن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڊي سي جاويد الله جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ رستن کي محفوظ بڻائڻ ۽ صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
اڳوڻي ايم اين اي ۽ جرڳي ميمبر پير حيدر علي شاهه جو چوڻ آهي ته قبيلن وچ ۾ امن معاهدي لاءِ جرڳا پهريان ئي جرڳي جا ميمبر علائقي ۾ موجود آهن.
ڪرم ۾ اڳ به قبيلائي جهيڙن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيتراي زخمي ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.