اسلام آباد( معظم فخر): آئيني ترميمن جي حوالي سان تحريڪ انصاف جا 26- اسيمبلي ميمبر انتهائي اهميت اختيار ڪري ويا، جيڪڏهن آئيني ترميمن جي حق ۾ تحريڪ انصاف جا اهي 26 – ميمبر ووٽ ڏين ٿا ته پوءِ امڪان اهو آهي ته اهي 26 ئي ميمبرن آئيني ترميمن جي حوالي سان نه رڳو تحريڪ انصاف جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندا، پر انهن جي ووٽن سان اهو امڪان پڻ آهي ته آئيني ترميم ڪامياب به ٿي وڃي.اهڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي 26- ميمبرن کي سوگهو رکڻ ۽ کين ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ان ۾ خيبرپختونخواه حڪومت جا سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن، انهن 26- اسيمبلي ميمبرن کي جن کي هاڻي باغيءَ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو، سوگهو ڪري خيبرپختون خواهه ۾ جي مختلف ريسٽ هائوسز ۽ سرڪٽ هائوسز ۾ رکيو ويو آهي، انهن جا موبائل فون ورتا ويا آهن، انهن جو پنهنجي خاندانن سان رابطو پڻ ڪٽيو ويو آهي، آرٽيڪل 63- اي جي حوالي سان جيڪو تفصيلي فيصلو آيو آهي ان وڏي پئماني تي اسيمبلي ميمبرن مٿان مڙهيل اهڙي پابنديءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت مٿن پابندي هُئي ته جيڪڏهن انهن آئيني ترميم لاءِ ووٽ جو استعمال ڪيو ته انهن جي اسيمبليءَ جي بنيادي ميمبرشپ ئي رد ڪئي ويندي. جڏهن ته آرٽيڪل 63- اي جي حوالي سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو جاري ڪيو آهي ان ۾ سپريم ڪورٽ ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي ته اسيمبليءَ جي ميمبرن جو ووٽ ڏيڻ جو عمل ڪو به غلط عمل نه آهي پر پنهنجي پارٽيءِ جي پاليسي ۽ پارلياماني اڳواڻ جي مرضيءَ کان سواءِ ووٽ ڏيڻ جو عمل غلط آهي، اهڙي ڪنهن به صورت ۾ جيڪڏهن ميمبر پنهنجي پاليسيءَ ۽ پارلياماني اڳواڻ جي مرضيءَ کانسواءِ ووٽ ڏئي ٿو ته ان صورت ۾ سندس قومي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ کي ختم ڪيو ويندو پر ان جو ووٽ ضروري طور تي ڳڻيو ويندو. آئيني ترميم کي ڪامياب ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت کي رڳو ست کان اٺ اسيمبلي ميمبرن جي ضرورت آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف وٽ هن وقت ڊزن جي حساب سان آزاد ميمبر موجود آهن.هوڏانهن قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پاران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هڪ دفعو ٻيهر خط لکي گذارش ڪئي وئي آهي ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن ايوان آرڊر ۾ اچي ۽ هر پارٽيءَ کي خبر پئي ته ايوان ۾ انهن جي ڳڻپ ڪيتري آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پڻ انهيءَ موجهاري جو شڪار آهي ته جيستائين سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن پاران جيڪي نظرثانيءَ جون درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جيستائين انهن جو فيصلو نه ٿو اچي تيستائين مخصوص سيٽن جي حوالي سان ڪو به فيصلو ڏيڻ نه گهرجي. تحريڪ انصاف آئيني ترميمن جي حوالي سان ٿيندڙ قومي اسميبليءَ جي اجلاس ۾ پنهنجي 26- قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي هر صورت ۾ روڪڻ گهر ٿي اهو ئي سبب آهي جو تحريڪ انصاف هڪ حڪمت عمليءَ تحت انهن ميمبرن کي سوگهو ڪري خيبرپختون خواهه جي سرڪٽ ۽ گيسٽ هائوسز ۾ رکيو آهي ته جيئن انهن کي آئيني ترميم جي حوالي سان هلندڙ سيشن ۾ شرڪت کان پري رکي سگهجي.