اسلام آباد (معظم فخر) سپريم ڪورٽ ۾ جاري آئيني ترميمن جي معاملي تي ججن ۾ تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي. 4 جج موڪل تي وڃي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ڪم جو بار وڌائي رهيا آهن. 26 آڪٽوبر تائين مٿس بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ پوءِ کيس ڀت سان لڳائڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. ججن چيف جسٽس جي قائم ڪيل بينچن ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران اسلام آباد ۾ 14، 15 ۽ 16 تاريخ تي موڪل ڪئي وئي آهي ۽ سيڪيورٽي سخت هوندي. ان جي ڪري سپريم ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ بدران رجسٽرين ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر انهن ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي ۽ موڪل جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان هنن ثبوت ڏنو آهي ته هو هاڻوڪي صورتحال مان خوش نه آهن. ظاهري طور اها گروپ بندي ۾ شدت اچي ويندي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لاءِ ڏکيائيون وڌايون وينديون.