خيبرپختونخواهه ۾ رياستي ماڻهن جو گڏجڻ فضل الرحمان لاءِ ڏکيائي، جاءِ ڏيڻ جو شرط

اسلام آباد (معظم فخر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو مشن پورو ڪري ن ليگ صدر نواز شريف کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي بال نواز شريف جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس گهرائڻ لاءِ اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڇنڇر تي اجلاس گهرائڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان آئيني عدالت جي قيام جي حمايت کان به هٿ کڻي ويو هو ۽ هن آئيني بينچ جي ڳالهه ڪئي هئي. خيبرپختونخوا ۾ گرينڊ جرڳي ۾ علي امين گنڊاپور جي هڪ پاسي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٻئي پاسي گهرو وزير محسن نقوي جو ويهڻ مولانا فضل الرحمان لاءِ اهم اشارو آهي ڇو ته هو ڪي پي ۾ ئي کيڏندو آهي. رياستي ماڻهو جيڪڏهن ڪي پي ۾ گڏجي وڃن ٿا ته پوءِ مولانا فضل الرحمان لاءِ ڏکيائيون پيش اينديون. ان صورتحال ۾ هاڻي مولانا فضل الرحمان ڪجهه شرط رکيا آهن. پ پ چيئرمين اهي ئي شرط نواز شريف وٽ کڻي ويو. مولانا فضل الرحمان ڪي پي ۾ جاءِ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. جي يو آءِ سان مستقبل ۾ اڳتي ڪيئن هلڻو آهي، اهو فيصلو به نواز ليگ وٽ آهي. مولانا فضل الرحمان جا شرط سامهون اچي ناهن سگهيا. ٻي صورت ۾ حڪومت پلان بي جي آپشن تي به غور ڪندي ڇو ته حڪومت وٽ مولانا فضل الرحمان جي حمايت کانسواءِ به نمبر پورا هوندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.