دهشتگردن پرڏيهي ڳجهي ايجنسي جي مدد سان چيني شهرين تي حملو ڪيو: رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ چيني شهرين تي آپگهاتي حملي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سي ٽي ڊي شروعاتي رپورٽ ۾ آپگهاتي حملي کي پاڪ چين لاڳاپا متاثر ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو.
سي ٽي ڊي ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو آپگهاتي حملي بابت ابتدائي رپورٽ دهشتگرديءَ ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
عدالت ۾ سي ٽي ڊي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ملوث هئي، دهشتگردن چيني شهرين تي پرڏيهي ڳجهي ايجنسي جي مدد سان حملو ڪيو.
رپورٽ موجب دهشتگردن پنهنجي گاڏي کي چيني شهرين جي قافلي ڀرسان آڻي ڌماڪو ڪيو، حملي ذريعي پاڪ چين لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان لبريشن آرمي آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.
رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ ٻن چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، 15 گاڏيون مڪمل طور تباهه ٿي ويون.
ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.