چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار جي الوداعي ڊنر جي دعوت قبولي ورتي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ بار جي الوداعي ڊنر جي دعوت قبول ڪري ورتي سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن 10 آڪٽوبر تي ڊنر لاءِ خط لکيو هو. ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري کي خط لکي چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ بار جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ بار جو شڪريو ادا ڪيو، فل ڪورٽ ريفرنس 25 آڪٽوبر تي آهي ان ڪري الوداعي ڊنر 24 آڪٽوبر تي منعقد ڪرڻ مناسب هوندو. چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ بار جو الوداعي ڊنر 24 آڪٽوبر تي ٿيندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي فل ڪورٽ ريفرنس جي ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تي ٿيندي. رجسٽرار سپريم ڪورٽ،  سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته فل ڪورٽ ريفرنس ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ ساڍي 10 وڳي ٿيندو، ان موقعي تي توهان پنهنجي تقرير اڳ ئي ۾ موڪلي ڇڏيو.  واضح رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 25 آڪٽوبر تي رٽائر ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.