پي ٽي آءِ پاران التوا گهرڻ معاملو اينگهائڻ جو طريقو آهي \چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان پاران داخل ڪيل التوا واري درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن تي نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي درخواست تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي حامد خان طرفان داخل ڪيل التوا واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست دير جو شڪار آهي.  هو ڪيس ملتوي ڪن ٿا پر سچ پڇو ته هو انصاف جي تقاضا موجب ڪيس ملتوي ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته حامد خان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي، اهڙي درخواست اسان وٽ پهريون ڀيرو آئي آهي، سپريم ڪورٽ وڊيو لنڪ جي سهولت به فراهم ڪئي آهي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جا سمورا وڪيل نه آيا ۽ ڪو جونيئر وڪيل به نه آيو، اهو طريقو درست ناهي، سپريم ڪورٽ ۾ اهڙو رويو نه هئڻ گهرجي، مان ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ سان متفق ناهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.