مارجي ويل چينين جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت گذريل هفتي ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويل پورٽ قاسم اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي چيني ملازمن جي خاندانن  کي معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ چيني انجنيئرن جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي جي منظوري ڏني وئي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ مان وڌيڪ 5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ڪميٽي چيو ته کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ملڪ ۾ موجود اضافي ذخيرن جي ڪري ڏني وئي، ايڊوائيزري بورڊ ذخيرا ۽ قيمتون برقرار رکڻ جي اجازت رد ڪري سگهي ٿو، اي سي سي چيو ته 30 سيپٽمبر تائين ملڪ ۾ کنڊ جا 20 لک ٽن ذخيرا موجود هئا، 5 لک ٽن کنڊ جي برآمد لاءِ وڌيڪ شرط لاڳو ڪيا ويا آهن.ڪميٽي چيو ته شگر ملز ايسوسي ايشن 21 نومبر کان نئين پيداوار جي شروعات کي يقيني بڻائي، ايڪسپورٽر ڪوٽا حاصل ڪرڻ جي 90 ڏينهن اندر کنڊ برآمد ڪرڻ جا پابند هوندا، ڪابينا ڪميٽي کنڊ جي برآمد جي عمل جي نگراني ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.