حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران "وسيلا بچايو – سنڌ بچايو” ڪانفرنس ۽ ضلعي ورڪرز ڪنويشن جو پروگرام ليبر هال حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ڌرين خطاب ڪيا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي نئين چونڊيل ضلعي صدر سرمد راڄپر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حسنه راهوجو، عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سراج سيال، سنڌ صحافي اتحاد جي سرواڻ نعمت کهڙو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شاهين خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالحئي ڀٽو، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي امن امان کي سنڌ سرڪار هٿ وٺي تباهه ڪيو آهي. اغوائن، ڦرن، چورين، ڌاڙن ۾ سرڪار جا ڀوتار ملوث آهن. عوام لاءِ انصاف جا دروازا بند آهن. عدالتن کان مٿانهان قتل ڪيا پيا وڃن، ماڻهن جا لاش ساڙيا پيا وڃن پر مجال آهي جو انصاف جا اعلي ادارا نوٽيس وٺن. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا پيا ٿين، سنڌ جي وسيع قدرتي وسيلن، زمينن، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي، ڪارونجهر جبل ۽ ٻين وسيلن کي حڪومت پاران غيرملڪي سرمائيدارن حوالي ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي سرڪار ڪرسي خاطر سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ مقامي هارين جا حق کسي، کين پنھنجي ئي ڌرتي کان بي دخل ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ارسا ايڪٽ ترميم ڪري سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ کي به وڪري جو وکر بڻايو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايس آءِ ايف سي جي قيام سان جمهوريت جو قتل ٿي ويو آهي. ايس آءِ ايف سي ختم ڪري، جمهوريت بحال ڪئي وڃي. عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي نئين باڊي چونڊي وئي جنھن ۾ صدر سرمد راڄپر، نائب صدر عبدالحئي ڀٽو، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار، جوائنٽ سيڪريٽري سليم ٻڌ، خزانچي لياقت ميمڻ، آفيس سيڪريٽري مهر علي ٻٻر، ليگل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، ثقافت سيڪريٽري سڄڻ شاهاڻي، ميمبرن ۾ امتياز جتوئي، اقبال عباسي، ڄام تماچي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ هاشم راڄپر چونڊيا ويا.