اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد ۾ احتجاج جي آڙ ۾ بدامني ڪندڙ ڪيترن ئي افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو. افغانين اقرار ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ کين 2 هزار رپيا روز جو لالچ ڏئي ڌرڻي ۾ گهرايو، ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پي ٽي آءِ قيادت ڀڄي وئي ۽ پوليس اسان کي گرفتار ڪري ورتو. افغان رهواسين پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ اسان کي پئسن جو لالچ ڏنو ۽ اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه جون هدايتون ڏنيون، پي ٽي آءِ اڃا تائين اسان کي پئسا نه ڏنا آهن، جيل ۾ اسان هنن جي ڪري بند آهيون .