ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي سونهن راڻي، بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ جي ڊائري جو هڪ صفحو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.
بالي ووڊ اداڪارا جا مڙس اڀيشيڪ بچن سان عليحدگي جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن، ان دوران سندس ڊائري جو هڪ پنو ليڪ ٿي ويو آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.
ايشوريا راءِ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته ” هو مون کي اونداهيءَ ۾ به روشني ڏانهن وٺي ويندو، منهنجا ڏُک فقط منهنجا آهن. “
سندس ڊائريءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ پنهنجو ڏک ڪنهن سان به ونڊڻ پسند نٿي چاهي ۽ پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پنهنجو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهي ٿي.
واضح رهي ته اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جي شادي 2007 ٿي هئي، جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد پڻ آهي.
You might also like