اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڀيڻن کي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته بدقسمتي سان عورتن کي شرعي وراثتي حق کان محروم رکيو ويندو آهي.
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عورتن جي وراثتي ملڪيتن کي تحفظ ملڻ گهرجي، بدقسمتي سان عورتن کي شرعي وراثتي حق کان محروم رکيو ويندو آهي.
فيصلي ۾ عدالت عظميٰ چيو ته عورتن کي وراثتي ملڪيت کان محروم رکڻ لاءِ ڪجهه وڪيل سهولت فراهم ڪندا آهن.
عدالت بي بنياد ڪيس تي درخواستگذار تي 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ۽ ڏنڊ جي رقم وراثتي ملڪيت کان محروم رکيل ڀيڻن کي ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
You might also like