مخصوص سيٽن جو فيصلو جلد ڪيو وڃي: اياز صادق جو اليڪشن ڪميشن کي ٻيو خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق پارلياماني اڳواڻن جي مطالبي تي عورتن ۽ اقليت لاءِ مخصوص سيٽن بابت جلد فيصلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو.
پارلياماني اڳواڻن قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکي اليڪشن ترميمي بل 2024 کي ڏسندي عورتن ۽ اقليتين جي سيٽن تي اليڪشن ڪميشن طرفان فيصلو نه ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي کيس جلد ان حوالي سان خط لکڻ جي درخواست ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اياز صادق پارلياماني اڳواڻن جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي ٻيو خط لکي ڇڏيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي جلد فيصلو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.