وفاقي حڪومت جو قرض ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان آگسٽ 2024 تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب وفاقي حڪومت جا قرض ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 70 هزار 362 ارب رپين تي پهچي ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ جي دستاويز موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻه مهينن ۾ وفاقي حڪومت جو قرض 1448 ارب رپيا وڌيو، آگسٽ جي مهيني ۾ مرڪزي حڪومت جي قرض ۾ 739 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ٿي.
دستاويز موجب سيپٽمبر 2023 کان آگسٽ 2024 جي هڪ سال ۾ وفاقي حڪومت جو قرض 6 هزار 392 ارب رپيا وڌيو، آگسٽ 2024 تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جو ڪاٿو 70 هزار 362 ارب رپيا رهيو.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آگسٽ 2024 تائين مرڪزي حڪومت جو مقامي قرض 48 هزار 339 ارب رپيا هو، وفاقي حڪومت جو ٻاهريون قرض آگسٽ 2024 تائين 22 هزار 23 ارب رپيا هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.