ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) آئرلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ون ڊي ميچ دوران ڏکڻ آفريڪي ڪوچ جي پي ڊومني فيلڊنگ ڪرڻ ميدان ۾ اچي ويو، کيس ڏسي شوقين دنگ رهجي ويا.
گذريل ڏينهن ابوظهبي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي آخري ون ڊي ميچ ۾ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر ۽ موجودا بيٽنگ ڪوچ جين پال ڊومني پنهنجي ٽيم لاءِ فيلڊنگ ڪئي.
سال 2019ع ۾ هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ ڊومني آئرلينڊ جي انگنز جي آخري اوورن ۾ متبادل فيلڊر طور فيلڊنگ ڪرڻ آيو.
چاليهه ورهين جي ڏکڻ آفريڪي ڪوچ نه رڳو فيلڊنگ ڪئي پر شارٽ ٿرڊ مين تي ڊائيو هڻي بائونڊري پڻ بچائي، پنج سال اڳ رٽائر ٿيڻ باوجود شاندار فيلڊنگ ڪرڻ تي ڪامينٽيٽرز به کيس داد ڏنو.
جي پي ڊومني فيلڊنگ ڇو ڪئي؟
ابوظهبي ۾ شديد گرمي ۽ سخت پليئنگ ڪنڊيشنز سبب ڪيئي ڏکڻ آفريڪي رانديگر آئرلينڊ جي اننگز دوران ميدان مان ٻاهر هليا ويا.
ڪپتان ٽمبا باووما اڳ ئي انجري سبب ميچ نه کيڏي رهيو هو جڏهن ته آل رائونڊر ويان مولڊر به نجي معاملن سبب ڏيهه واپس روانو ٿي ويو هو.
ڏکڻ آفريڪا وٽ رانديگرن جي کوٽ هئي، جنهن سبب ڊومني کي متبادل رانديگر طور فيلڊنگ لاءِ ميدان ۾ لهڻو پيو.
واضح رهي ته ڪرڪيٽ ظابطن موجب، انجري يا ڪنهن ٻئي ڪارڻ سبب رانديگرن جي کوٽ جي صورت ۾ ڪوچز يا ٽيم مئنيجمينٽ جا ميمبر متبادل طور ميدان ۾ فيلڊنگ ڪري سگهن ٿا.
ميچ ۾ آئرلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي سيريز جي آخري ون ڊي ۾ 69 رنسن تان شڪست ڏني، جڏهن ته سيريز 2-1 تان ڏکڻ آفريڪا جي نالي رهي.
You might also like