ملتان ٽيسٽ: پاڪستان پهرين اننگز ۾ 556 تي آئوٽ، انگلينڊ 96 رنسون ٺاهي ورتيون

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي راند ختم، انگلش ٽيم پاڪستان جي پهرين اننگز جي 556 رنسن جي جواب ۾ 96 رنسون ٺاهي ورتيون.
ميچ جي ٻئي ڏينهن سعود شڪيل ۽ نسيم شاهه راند جي شروعات ڪئي ته نسيم شاهه 388 جي اسڪور 33 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو جڏهن ته ان کانپوءِ بيٽنگ لاءِ آيل محمد رضوان کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو.
قومي ٽيم جي ستين وڪيٽ 450 جي مجموعي اسڪور تي سعود شڪيل جي صورت ۾ ڪِري، سعود شڪيل 177 بالن تي 82 رنسون ٺاهي ڪئچ آئوٽ ٿي ويو، سعود کانپوءِ عامر جمال ست، ۽ شاهين آفريدي 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، پاڪستان جي آخري آئوٽ ٿيندڙ بيٽر ابرار احمد هو جنهن 3 رنسون ٺاهيون.
ان دوران آل رائوندڙ سلمان علي آغا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، سلمان 15 هين ٽيسٽ جي 28 هين اننگز ۾ هزار رنسون مڪمل ڪيون ۽ 104 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن قومي ٽيم انگلينڊ خلاف 556 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي جنهن کانپوءِ انگلش ٽيم بيٽنگ ڪرڻ آئي.
انگلش ٽيم پاڪستان خلاف شروعات مايوس ڪندڙ رهي، ڪپتان اولي پوپ کاتو کولڻ بنا نسيم شاهه جو پهريون شڪار بڻيو.
پهرين وڪيٽ تڪڙي ڪرڻ کانپوءِ اوپنر زيڪ ڪرائولي ۽ سينيئر بيٽر جو روٽ ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين ڪريز تي موجود رهيا.
ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انگلش ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 96 رنسون اسڪور ٺاهي ورتيون، زيڪ ڪرائولي 64 ۽ جو روٽ 32 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهن، انگلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 460 رنسن جو خسارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.