اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد احتجاج جي آڙ ۾ شرپسندي ڪندڙ مختلف افعان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
افغان شهرين اعتراف ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ قيادت کين 2 هزار رپين جو ڏٽو ڏئي ڌرڻي ۾ وٺي آئي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو چيو، پي ٽي آءِ وارا پاڻ ڀڄي ويا ۽ اسان کي پوليس پڪڙي ورتو.
افغان شهرين پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ کين پئسن جي لالچ ڏني ۽ اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، پي ٽي آءِ اڃا تائين پئسا ناهن ڏنا.
خيال گل نالي افغان شرپسند پنهنجي چيوته سندس واسطو افغانستان سان آهي، پي ٽي آءِ قيادت جي ورغلائڻ ۽ اسلام آباد اچڻ تي شرمسار آهي، پي ٽي آءِ وارن جي حمايت ڪنهن ڪم نه آئي، نه پئسا مليا ۽ نه ئي هئي ٻيهر نظر آيا آهن.
عبدالرحمان نالي افغان شهري به چيو ته پي ٽي آءِ چاهي پئي ته اسان اسلام آباد ۾ڀڃ ڊاهه ڪريون، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايون.
هڪ ٻئي مولاداد نالي افغان شهري ٻڌايو ته هو ٽئي دوست پشاور مان پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا.
ياد رهي ته ڇنڇر واري ڏينهن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان گڏ آيل پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪنن طرفان اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پوليس شيلنگ ڪري احتجاج ڪندڙن کي ڇروڇڙ ڪري ڇڏيو جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان به پوليس تي شيلنگ ڪئي وئي.
جواب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو، چائنا چوڪ تي گڏ ٿيل ڪارڪنن تي پڻ شيلنڪ ڪئي وئي پر ڪارڪنن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپاسي ۾ بيٺل وڻ ساڙي ڇڏيا.